ڪراچي ۾ برسات کانپوءِ مختلف علائقن ۾ بيهجي ويل پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو

ڪراچي ۾ برسات کانپوءِ مختلف علائقن ۾ بيهجي ويل پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، جنهن تي وڏي وزير افسوس جو اظهار ڪندي پاڻي نيڪال ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، مڪاني کاتي جي وزير سعيد غني شهر جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو.

 گذريل رات ڪراچي ۾  مختلف علائقن ۾ وسڪارو ٿيو، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ برسات لانڍي ۾ 31 ملي ميٽر  رڪارڊ ڪئي وئي.

ڪراچي  ۾ هيل سياري جي مند جي پهرين وسڪاري کانپوءِ يونيورسٽي روڊ، گلشن اقبال، گلستان جوهر، ڪورنگي، صدر، لياقت آباد، سهراب ڳوٺ ۽ ٻين علائقن ۾ روڊن تي برساتي پاڻي بيهجي ويو، جنهن سبب روز جي معمول جو ڪار وهنوار سخت متاثر ٿيو.

 ٻئي طرف اجمير نگري ۽ ڳوٺ نبي بخش جي علائقن ۾ ڌار ڌار واقعن ۾ بجلي جي ڪرنٽ ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

 سنڌ جي وڏي وزير برسات کانپوءِ  فوتگين تي سخت افسوس جو اظهار ڪندي مڪاني کاتي کي فوري طور پاڻي نيڪال ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

 وڏي زير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ممختلف علائقن ۾ بيٺل پاڻي کي فوري نيڪال ڪيو وڃي، جيئن شهرين کي تڪليفن جو منهن نه ڏسڻو پوي.

 مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني برسات کانپوءِ يونيورسٽي روڊ ۽ شهر جي ٻين علائقن جو دوري ڪري برسات کانپوءِ جي صورتحال جو جائزو ورتو.

 سعيد غني شهر ۾ اهم رستن تي بيٺل پاڻي جي نيڪال نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي عملدارن کي هنگامي بنيادن تي بيٺل پاڻي نيڪال ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

 ڪراچي ۾ وسڪاري کانپوءِ روڊن تي  بيٺل پاڻي نيڪال  نه ٿيڻ سبب ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي، جنهن سبب آفيسن ۾ ڊيوٽي تي ويندڙ ملازمن توڙي ڪاروبار ڪندڙ ماڻهن کي تڪليفن جو منهن ڏسڻو پئجي ويو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*