ڪنڌڪوٽ پوليس ڪارروائي ڪري 3 سال اڳ ٿيل لکين رپين جي چوري هٿ ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

ڪنڌڪوٽ پوليس ڪارروائي ڪري 3 سال اڳ ٿيل لکين رپين جي چوري هٿ ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته هٿيارن جي ٻن اسمگلرن کي به زخمي حالت ۾ سوگهو ڪيو ويو آهي.

مرزاپور محلي مان 3 سال اڳ ڊاڪٽر تلسي داس جي گهر مان  چوري ٿيل 20 لک روڪ رقم ۽ 20 تولا سون هٿ ڪري ورتو آهي.

ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ڪنڌ ڪوٽ اسد رضا شاهه پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته چوري ڪندڙ ٽولي جي اڳواڻ محمد عالم سندراڻي بگٽي ۽ خالد حسين ڀيو کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ايس ايس پي موجب بخشاپور پوليسپ پاران فائرنگ جي ڏي وٺ بعد هٿيارن جي ٻن اسمگلرن لعل بخش عرف لالو مزاري ۽ اصغر نصيراڻي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

هٿيارن جي اسمگلرن وٽان 10 ڪلو بارودي مواد،2 ٽي ٽي پسٽل،2 هينڊ گرنيڊ،14 گوليون هٿ ڪيون ويون آهن……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*