سينيٽ جي گهرو معاملن بابت ڪميٽي ساهيوال واقعي بابت جي آءِ ٽي کي رد ڪندي جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

سينيٽ جي گهرو معاملن بابت ڪميٽي ساهيوال واقعي بابت جي آءِ ٽي کي رد ڪندي جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سينيٽر رحمان ملڪ چيو ته آهي هاءِ ڪورٽ جي جج جي سربراهيءَ ۾ جوڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي جيڪا ساهيوال سانحي جي جاچ ڪري، ضرورت پئي ته وڏي وزير عثمان بوزدار کي به ڪميٽي ۾ طلب ڪنداسين.

سينيٽر رحمان ملڪ جي صدارت هيٺ سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ ساهيوال سانحي جي معاملي تي بحث ڪيو ويو.

ڪميٽي واقعي تي آءِ جي پوليس ۽ گهرو سيڪريٽري پنجاب کان جواب طلب ڪري ورتو.

اجلاس ۾ واقعي تي جوڊيشل ڪميشن بڻائڻ جو به مطالبو ڪيو ويو.

سينيٽر رحمان ملڪ چيو ته هاءِ ڪورٽ جي جج جي سربراهيءَ ۾ جوڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي جيڪا ساهيوال سانحي جي جاچ ڪري، ضرورت پئي ته وڏي وزير عثمان بوزدار کي به ڪميٽي ۾ طلب ڪنداسين.

ڪميٽي سوال ڪيو ته گهرو وزير طور  وزيراعظم ٻڌائي ته ڇا ملڪ ۾ داعش ڪم ڪري رهي آهي، ٻڌايو وڃي ته ڪهڙي ايجنسي جي رپورٽ هئي ته ذيشان دهشتگرد هو.

سوال ڪيو ويو ته مقتولين سي ڊي پوليس جي چوڻ تي روڊ سائيڊ تي گاڏي بيهاري تي فائرنگ ڇو ڪئي وئي؟

ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته جيڪو به ڊيوٽي ڪري رهيو هو تنهن پنهنجو دماغ استعمال نه ڪيو، واقعي جي جاچ ڪري ذميوارن کي وائکو ڪيو وڃي ته جيئن جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ملي.

سينيٽر ڪهدا بابر چيو ته پوليس کي غنڊا گردي لاءِ کليل نه ڇڏيو وڃي، اڄ ماڻهو اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار  کي ياد ڪري رهيا آهن.

سينيٽر رحمان ملڪ چيو ته مقتولن طرفان ڪنهن مزاحمت ۽ جوابي فائرنگ کانسواءِ ڪيئن پوليس جي چئن ماڻهن کي قتل ڪيو ويو، ڇا 13 ورهين جي ڇوڪري کي تنهن ڪري قتل ڪيو ويو ته اکين ڏٺي شاهد کي ختم ڪيو وڃي.

سينيٽ جي گهرو معاملن بابت ڪميٽي ساهيوال واقعي بابت جي آءِ ٽي کي رد ڪندي جوڊيشل ڪميشن بڻائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*