پاڪستان وچين مفاصلي تائين مار ڪندڙ بيليسٽڪ ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو

پاڪستان، وچين مفاصلي تائين مار ڪندڙ بيليسٽڪ ميزائل شاهين ٽـُو جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي، آءِ ايس پي آر چيو آهي ته ميزائيل 15 سئو ڪلو ميٽرن تائين پنهنجي حدف کي آساني سان نشانو بڻائي سگهي ٿو.

آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، پاڪ فوج پاران وچين فاصلي تائين مار ڪندڙ بيليسٽڪ ميزائل شاهين ٽو جو تجربو ڪيو ويو، جنهن ڪاميابي سان پنهنجي حدف کي نشانو بڻايو.

ميزائل جي تجربي دوران ڊي جي اسٽريٽجڪ پلاننگ ڊويزن ليفٽيننٽ جنرل زبير محمود ۽ ليففٽيننٽ جنرل عبيد الله خان ۽ ٻيا به موجود هئا.

آءِ ايس پي آر موجب، ميزائل ۾ هر قسم جا ايٽمي ۽ روايتي هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت موجود آهي ۽ ميزائل هڪ هزار 5 سئو ڪلو ميٽرن تائين پنهنيجي حدف کي آساني سان نشانو بڻائي سگهي ٿو.

ڪاميابي تجربي تي صدر ممنون حسين ۽ وزيراعظم نواز شريف منصوبي سان لاڳاپيل ماهرن کي واڌايون ڏيندي ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته ملڪ جي دفاع لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*