پنجاب حڪومت ساهيوال سانحي جِي رپورٽ وزيراعظم عمران خان کي پيش ڪري ڇڏي

پنجاب حڪومت ساهيوال سانحي جِي رپورٽ وزيراعظم عمران خان کي پيش ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ سي ٽي ڊي آفيسرن کي قتل جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب حڪومت کي ساهيوال سانحي جي رپورٽ وزيراعظم عمران خان کي پيش ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ جي روشني ۾ پنجاب حڪومت جي قدمن کان آگاهه ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سي ٽي ڊي آفيسرن کي قتل جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ساهيوال سانحي ۾ مقتول زال مڙس ۽ سندن زال مڙس کي بيگناهه قرار ڏنو ويو آهي.

وزيراعظم کي رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته واقعي کانپوءِ جي آءِ ٽي رپورٽ جي بنياد تي سي ٽي ڊي سربراهه سميت ٽن آفيسرن کي تبديل ۽ ٻن کي معطل ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته واقعي ۾ ملوث اهلڪارن خلاف دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪيس هلايا ويندا، جڏهن ته ذيشان نالي شخص بابت به جاچ جاري آهي.

ذريعن موجب رپورٽ جَي بنياد تي وزيراعظم عمران خان مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ پنجاب پوليس کان سڌارن لاءِ سفارشون به طلب ڪري ورتيون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*