لاهور هاءِ ڪورٽ پيراگون هائوسنگ اسڪينڊل ۾ قيصر امين بٽ جي ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

لاهور هاءِ ڪورٽ، پيراگون هائوسنگ سوسائٽي اسڪينڊل ڪيس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق خلاف سلطاني شاهد بڻجندڙ قيصر امين بٽ جي ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جستس ملڪ شهزاد احمد جِي سربراهي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جِي 2 رڪني بينچ قيصر امين بٽ جِي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

نيب جَي پراسيڪيوٽر عدالت کي آگاهه ڪيو ته  قيصر امين بٽ پيراگون هائوسنگ ڪيس ۾ سلطاني شاهد بڻجي چڪو آهي، ان ڪري سندس ضمانت جي منظوري تي نيب کي ڪو به  اعتراض  ناهي.

قيصر امين بٽ جي وڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته نيب پراسيڪيوٽر گارنٽي لاءِ قيصر امين بٽ جو نالو اي سي ايل ۾ وجهرائي سگهي ٿو.

ٻنهي وڪيلن جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ عدالت قيصر امين بٽ جي 10 لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت واري درخواست منظور کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

واضح رهي ته پيراگون هائوسنگ اسڪينڊل جي جاچ لاءِ ريلوي واري اڳوڻي وزير خواجه سعد رفيق ۽ خواجه سلمان رفيق نيب جي حراست هيٺ آهن، جڏهن ته قيصر امين بٽ پيراگون سوسائٽي جي ڊائريڪٽر جي عهدي تي رهي چڪو آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*