پي ٽي آءِ سرڪار قرض وٺڻ جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، خورشيد شاهه

پيپلزپارٽي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته مسلم ليگ ق حڪومت کان ڌار ٿيڻ واري بندوق اسان جي ڪُلهي تي رکي نه هلائي، پي ٽي آءِ سرڪار قرض وٺڻ جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، مني بجيٽ ۾ مهانگائي جو نئون طوفان آهي.

اسلام ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته حڪومت ٻيو ڀيرو مني بجيٽ پيش ڪرڻ وڃي رهي آهي،  سڌارن جي نالي تي ٽيڪس ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته مني بجيٽ مهانگائي جو طوفان آهي، پي ٽي آءِ سرڪار عوام کي رليف ڏيڻ ۾ ناڪام وئي آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ خورشيد شاهه چيو ته حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ق ليگ جو پنهنجو آهي، اسان جي ڪلهي تي رکي بندوق نه هلائي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*