مني بجيٽ حڪومت جي نااهلي آهي، عوام کي بيوقوف بڻائڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي، مريم اورنگزيب

مسلم ليگ نون جِي ترجمان مريم اورنگزيب، ساهيوال واقعي تي پنجاب جَي وڏي وزير کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته مني بجيٽ حڪومت جي نااهلي آهي، عوام کي بيوقوف بڻائڻ وارو سلسلو بند ڪيو وڃي.

هڪ جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته حڪومت اڳ واري مني بجيٽ جا حدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام وئي، ان ڪري نئين بجيٽ آندي پئي وڃي.

هن چيو ته اپوزيشن پڪو پهه ڪيو آهي ته حڪومت جي نااهلي جو بار عوام تي وجهڻ نه ڏينداسين، حڪومت مني بجيٽ جَي نالي تي عوام کي بيوقفو بڻائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي آهي.

مريم اورنگزيب چيو ته پنجاب ۾ وڏو وزير ڪير آهي، ڪنهن وزير وٽ ڪيترا اختيار آهن، ڪنهن کي خبر ئي ناهي، ساهيوال واقعي تي وزيراعظم ۽ پنجاب جي وڏي وزير کي جاڳايو ۽ جهنجوڙيو.

هن وڌيڪ چيو ته ساهيوال واقعي تي پنجاب جي وڏي وزير کان استعيفيٰ وٺي کيس جيل ۾ وڌو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*