جهڙي طرح سارا علي خان جي پي آر ٽيم ڪم ڪيو آهي اهڙي طرح جهانوي ڪپور جي ٽيم ڪم ناهي ڪيو، بوني ڪپور

بوني ڪپور پنهنجي ڌيءَ جھانوي ڪپور جي مقابلي ۾ سيف علي خان جي ڌيءَ سارا علي خان جي وڌندڙ مقبوليت کي پي آر ٽيم جو ڪارنامو قرار ڏنو آهي.
جھانوي ڪپور ڊيبيو فلم ”ڌڙڪ“ ۽ سارا علي خان ”ڪدرناٿ“ فلم ۾ پهريون ڀيرو اداڪاري جو جوهر ڏيکاريا جنهن بعد سارا علي خان هڪ ٻئي فلم ”سمبا“ ۾ رنوير سنگهه سان گڏ نظر آئي.
جھانوي ڪپور جي پيءُ بوني ڪپور جو چوڻ هو ته جهڙي ريت سارا علي خان جي پي آر ٽيم سندس لاءِ ڪم ڪيو اهڙي طرح جھانوي جي ٽيم ڪم ناهي ڪيو ۽ نتيجو اهو نڪتو ته اڄ جھانوي کان وڌيڪ
سارا علي خان ڏانهن ڌيان ڏنو وڃي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*