ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو

ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ هٿيار بندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، وزير اعظم  نواز شريف ڪراچي ۾ ڊان نيوز جي مارڪيٽنگ ڊائريڪٽر مسعود حامد جي قتل جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

ڪورنگي جي ضياع ڪالوني ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، جنهن جو لاش جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

وزير اعظم نواز شريف ڪراچي ۾  ڊان نيوز جي مارڪيٽنگ ڊائريڪٽر مسعود حامد جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ڏک جي هن گهڙين ۾  هو مقتول جي وارثن سان گڏ آهن.

وزير اعظم مسعود حامد جي قتل جو نوٽيس وٺندي واسطيدار عملدارن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

واضح رهي ته ڊفينس فيز 8 واري علائقي مان مسعود حامد جو گولي لڳل لاش سندس ڪار مان هٿ آيو هو.

پوليس موجب، مسعود حامد جي لاش ڀرسان پسٽل به مليو آهي، لڳي ٿو ته جوابدار مسعود حامد کي قتل ڪرڻ بعد پسٽل ڪار ۾ اڇلائي ويا آهن.

مسعود حامد ڊان گروپ آف پبليڪيشن ۽ هيرالڊ جو مارڪيٽنگ ڊائريڪٽر هو ۽ اي پي اين ايس جو اڳوڻو سيڪريٽري جنرل به رهي چڪو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*