لاهور جي عدالت مريم صفدر جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو

لاهور جي عدالت يوحنا آباد سانحي کانپوءِ ڪار جي ٽڪر ۾ ٽن ڄڻن جي فوت ٿيڻ واري ڪيس ۾ هڪ عورت مريم صفدر جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.

مريم صفدر جي ضمانت واري درخواست تي لاهور جي هڪ ماتحت عدالت فيصلو محفوظ ڪيو.

مريم صفدر تي الزام آهي ته يوحنا آباد سانحي کانپوءِ سندس ڪار جي ٽڪر ۾ ٽي ڄڻا چيڀاٽجي فوت ٿيا.

مريم صفدر اهڙن الزامن کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ سندس ضمانت واري درخواست ماتحت عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ هئي، جنهن تي اڄ فيصلو محفوظ ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*