پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهرالقادري کي اشتهاري قرار ڏنو ويو

راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، موٽروي وڳوڙ ڪيس ۾ پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري کي اشتهاري قرار ڏيندي 13 ڊسمبر تي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج چوڌري عبدالقيوم موٽروي تي پوليس ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن ۾ ٽڪراءُ دوران ٿيل وڳوڙن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ان موقعي تي عدالت عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري ۽ شريڪ جوابدار فخر عباس کي اشتهاري قرار ڏيندي حڪم ڏنو ته 13 ڊسمبر تي جوابدارن کي عدالت آڏو پيش ڪيو وڃي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سندن گهر ٻاهران، چوراهن ۽ عدالت جي ٻاهران اشتهار لڳايا وڃن.

عدالت، ٻين جوابدارن خلاف ڪيس جي ٻڌڻي 27 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري جي قيادت ۾ 13 آگسٽ تي لاهور کان اسلام آباد ويندڙ انقلاب مارچ ۾ شامل ڪارڪنن پوليس کي تشدد جو نشانو بڻايو هو، جنهن تي آر پي او راولپنڊي طاهر القادري خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*