پاڪستاني اداڪاره روحي بانو جو مڙهه ترڪي ۾ امانت طور مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو

پاڪستاني اداڪاره روحي بانو جو مڙهه ترڪي ۾ امانت طور مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

جمع ڏهاڙي استنبول ۾ لاڏاڻو ڪري ويندڙ پاڪستان شوبز انڊسٽري جي ليجنڊ اداڪاره روحي بانو جو مڙهه ترقي ۾ امانت طور مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي.

روحي بانو جي ڀيڻ جو چوڻ آهي ته هن مڙهه پاڪستان کڻائي وڃڻ لاءِ حڪومت کي درخواست ڏني آهي، جيسيتائين سندس مڙهه پاڪستان نٿو آندو وڃي تيسيتائين امانت طور استنبول ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته روحي بانو جمع ڏهاڙي 67 ورهين جي ڄمار ۾ بيماري سبب لاڏاڻو ڪري وئي، سندس لاڏاڻي جي خبر ٻڌڻ بعد سياسي، سماجي ماڻهن سميت اداراڪارن پاران پڻ ڏک جو اظهار ڪيو ويو.

اداڪاره روحي بانو 10 ڏينهن کان وينٽي ليٽر تي هئي، جڏهن ته سندن گڙدا به ختم ٿي چڪا هئا ۽ هو ذهني مرض ۾ به مبتلا هئي.

10 سال اڳ روحي بانو جي ڌيءُ کي لاهور ۾ قتل ڪيو ويو، جنهن بعد روحي بانو ذهني بيماري ۾ مبتلا ٿي وئي.

اداراڪاره روحي بانو نفسياتي علم ۾ ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪئي، جڏهن ته ڪيترن ئي ڊرامن ۾ مختلف ڪردار پڻ ادا ڪيا، روحي بانو 70 ۽ 80 جي ڏهاڪي ۾ ملڪي ڊراما انڊسٽري تي راڄ ڪيو، هن صدارتي ايوارڊ حسن ڪارڪردگي سميت ٻيا ڪيترائي ايوارڊ پڻ حاصل ڪيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*