اليڪشن ڪميشن اين اي 246 تي بائيو ميٽرڪ سسٽم استعمال ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي

ڪراچي جي اين اي 246 تي ننڍي چونڊ جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري جي صدارت هيٺ اجلاس جاري آهي، اليڪشن ڪميشن گهٽ وقت ۽ ٽيڪنيڪل مسئلن جو سبب ڄاڻائي بائيو ميٽرڪ سسٽم استعمال ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي.

صوبائي اليڪشن ڪميشن آفيس ڪراچي ۾سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن بابر يعقوب ناصر جي صدارت هيٺ اجلاس جاري آهي، جنهن ۾ چيف سيڪريٽري محمد صديق ميمڻ، آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي، رينجرز جو ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل ميجر خرم ۽ ٻيا عملدار شريڪ آهن.

اجلاس ۾ رينجرز ۽ پوليس عملدار ننڍي چونڊ لاءِ سيڪيورٽي بابت بريفنگ ڏيندا.

ان کان اڳ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ۽ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن عزيز آباد ۽ ٻين علائقن جو دورو ڪري چونڊ انتظامن جو جائزو ورتو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن اين اي 246 تي بائيو ميٽرڪ سسٽم استعمال ڪرڻ کان معذرت ڪندي چيو ته وقت گهٽ ۽ ٽيڪنيل مسئلن سبب بائيو ميٽرڪ سسٽم استعمال نٿو ڪري سگهجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*