وزيراعظم نواز شريف افغانستان جي شهر جلال آباد ۾ ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ڇڏي

وزيراعظم نواز شريف افغانستان جي شهر جلال آباد ۾ ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد پاڪستان ۽ افغانستان جا گڏيل دشمن آهن، اهڙيون ڪارروايون سندن حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهن.

هڪ جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم نواز شريف افغانستان جي شهر جلال آباد ۾ ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته دهشتگرد، پاڪستان ۽ افغانستان جا گڏيل دشمن آهن، ٻئي ملڪ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششون وٺي رهيا آهن.

وزيراعظم چيو ته اهڙي ڪاررواين سان حوصلا ڪمزور نٿا ٿي سگهن، بهتر حڪمت عملي سان دهشتگردن جا ٿاڪ ۽ نيٽ ورڪ کي تباهه ڪيو آهي، جلد خطي ۾ امن ۽ استحڪام قائم ٿي ويندو.

وزيراعظم نواز شريف چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ افغانستان سان هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*