سني اتحاد ڪائونسل جو جنرل سيڪريٽري طارق محبوب سينٽرل جيل ڪراچي ۾ دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي جي فيڊرل بي ايريا مان رينجرز هٿان ٽارگيٽ ڪلرز جي مدد جي الزام هيٺ گرفتار سني اتحاد ڪائونسل جو جنرل سيڪريٽري طارق محبوب سينٽرل جيل ڪراچي ۾ دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو، سني اتحاد ڪائونسل طارق محبوب جي فوت ٿيڻ واري معاملي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

رينجرز ڪجهه ڏينهن اڳ طارق محبوب کي گرفتار ڪري دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو هو، جنهن کي عدالت 90 ڏينهن لاءِ رينجرز حوالي ڪيو هو.

طارق محبوب سينٽرل جيل ڪراچي ۾ دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو، جيڪو شگر ۽ دل جي مرض ۾ مبتلا هو.

رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته طارق محبوب سينٽرل جيل ڪراچي ۾ فوت ٿيو آهي.

سني اتحاد ڪائونسل جي اڳواڻ صاحبزاده ابوالخير محمد زبير، طارق محبوب جي فوت ٿيڻ واري معاملي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*