پاڪستان جو مسئلو قوميتن جو نه پر ظالم ۽ مظلوم جو آهي، سراج الحق

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته هو ڪراچي کي فتح ڪرڻ نه پر زخمن تي پها رکڻ آيا آهيون، ملڪ ۾ اهڙو امن قائم ڪيو ويندو جيئن الطاف حسين به وطن ۾ اچي رهي سگهي.

ڪراچي بار کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته پاڪستان جو مسئلو قوميتن جو نه پر ظالم ۽ مظلوم جو آهي، ملڪ ۾ جمهوريت سرمائيدارن ۽ جاگيردارن جي راند آهي، جنهن ۾ عوام لاءِ گنجائش نه آهي.

هن 12 مئي ۽ 9 اپريل واقعن جا ڪيس فوجي عدالتن ڏانهن منتقل ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته جيڪڏهن نيت ٺيڪ هجي ته هفتي اندر بائيو ميٽرڪ سسٽم لڳي سگهي ٿو.

سراج الحق  اين اي 246 تي ننڍي چونڊ جوڊيشري جي نگراني ۾ ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته ڪراچي جي عوام متحده کي 10 ڀير ا ووٽ ڏنو پر انهن عوام جا مسئلا حل نه ڪيا.

هن چيو ته مشرف دور ۾ ڪجهه ماڻهو جهڪي ويا ۽ ڪجهه ماڻهو وڪامجي ويا ۽ غائب ٿي ويا.

هن چيو ته قائد اعظم پهريون وڪيل سياستدان هو، بار هميشه جمهوريت جو ساٿ ڏنو آهي.

جماعت اسلامي سربراهه چيو ته ملڪ ۾ اسٽيٽسڪو نظام جي گنجائش نه آهي ۽ سياسي ڪارڪنن جو ڪراچي بار سان گهرو واسطو رهيو آهي.

هن چيو ته پاڪستان ۾ هٿياربند ۽ سياسي دهشتگرد آهن، ظالم، بااثر ۽ متحد آهن.

سراج الحق چيو ته هو ڪراچي کي فتح ڪرڻ نه پر زخمن تي پها رکڻ آيا آهيون، ملڪ ۾ اهڙو امن قائم ڪيو ويندو جيئن الطاف حسين به وطن ۾ اچي رهي سگهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*