ملڪ ۾ اپريل مهيني دوران ئي گرمي جي شدت ۾ اضافو، سڀ کان وڌيڪ گرمي پد نوابشاهه ۾ 45 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو

ملڪ ۾  اپريل مهيني دوران ئي گرمي جي شدت ۾ اضافو ٿي ويو آهي، سڀ کان وڌيڪ گرمي پد نوابشاهه ۽ تربت ۾ 45 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

موسميات کاتي موجب ملڪ ۾ گرمي جي شدت ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي ۽ ڪجهه ڏينهن تائين گرمي جي شدت برقرار رهندي.

سڀ کان وڌيڪ گرمي پد نوابشاهه ۽ تربت ۾ 45 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سکر ۽ مٺي ۾ گرمي پد 44 سينٽي گريڊ  رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

حيدرآباد،لاڙڪاڻي، لسٻيلو ۽ موهن جو دڙو ۾ گرمي پد 43 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو آهي.

اسلام آباد ۾ گرمي پد 30 سينٽي گريڊ، لاهور ۾ 34 ۽ ملتان ۾ 37 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*