جڊيشل ڪميشن عمران خان جي ضد تي قائم ٿيو آهي، خواجه سعد رفيق

ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته ريلوي ۾ موجود ڪاري رڍُن جي ڳچي ۽ پڇ تي پير رکيو آهي، اداري ۾ موجود ڪرپٽ ماڻهن کي ڪنهن به ريت بخش نه ڪيو ويندو، جڊيشل ڪميشن عمران خان جي ضد تي قائم ٿيو آهي، نتيجا اچڻ بعد اڇا ڪارا واضح ٿي ويندا.

لاهور ۾ نيسپاڪ سان ايم او يو تي صحيحن بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ريلوي واري وزير خواجه سعد رفيق چيو ته ريلوي پوليس جي ايس پي جي رينج 6 ضلعن تائين هوندي آهي پر ريلوي پوليس کي هميشه کان نظر انداز ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته ريلوي لاءِ هڪ ارب جو سڪيورٽي پلان جوڙيو آهي، جنهن مان 50 ڪروڙ سڪيورٽي جي سامان تي خرچ ڪيا ويندا.

 خواجه سعد رفيق چيو ته ريلوي کي هٿيار، گاڏيون ميٽل ڊٽيڪٽر سميت ٻيو سامان ڏنو ويندو، نيسپاڪ سان معاهدي تحت 14 ريلوي اسٽيشنز کي بهتر بڻايو ويندو، جتي پارڪ، پلي گرائونڊ، مارڪيٽ ۽ ڪمرشل ايڪٽوٽيز فراهم ڪيون وينديون.

هڪ سوال جي جواب ۾ سعد رفيق وڌيڪ چيو ته ريلوي ۾ موجود ڪاري رڍن جي پڇ ۽ ڳچي تي پير  رکيو ويو آهي، ڪرپٽ آفيسرن ۽ ملازمن کي بخش نه ڪيو ويندو.

وفاقي وزير چيو ته ريلوي پوليس جي پگهار ۾ 25 سيڪڙو تائين واڌ جي سمري موڪلي وئي آهي، ايندڙ ٽن کان چئن سالن تائين ريلوي جي پگهار پنجاب پوليس جي برابر ٿي ويندي.

چيني صدر جي دوري بابت سوال جي جواب ۾ خواجه سعد رفيق چيو ته چيني صدر جي دوري تي وڏي خوشي آهي، سندس آمد تي ريلوي لاءِ لکين ڊالر تائين معاهدا ٿيندا.

جڊيشل ڪميشن تي ڳالهائيندي خواجه سعد رفيق چيو ته ڪميشن جو قيام عمران خان جي ضد تحت قيام ۾ عمل آيو آهي، ڪپتان ن ليگ جو گهڻو ميڊيا ٽرائل ڪيو آهي، نتيجا اچڻ بعد سڀ ڪجهه واضح ٿي ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*