ڌرڻو لڳائيندڙن حڪومت کي نه پر پاڪستان کي پٽڙي تان لاهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي وزيراعظم نواز شريف

وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ڌرڻي وارن حڪومت نه، پاڪستان  کي پٽڙي تان لاهڻ جي ڪوشش ڪئي پر ملڪ کي پوئتي ڌڪڻ واري ڪوشش ناڪام ٿي وئي، پاڪستان هاڻي روشني طرف وڌي رهيو آهي، ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪئي ويندي.

لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته  ملڪ ترقي ڪندو ته سياستدان به ترقي ڪندا، سياستدان پاڪستان جي ترقي لاءِ حڪومت جو هٿ ونڊائين.

هن چيو ته حڪومت جي ڪوششن سان ملڪ مان اونڌاهي ختم ٿي رهي آهي ۽ پاڪستان هاڻي روشنين طرف وڌي رهيو آهي.

وزيراعظم نواز شريف چيو ته ڌرڻن سبب ملڪي معيشت کي وڏو نقصان پهتو، ڌرڻن ذريعي حڪومت نه پر پاڪستان کي پٽڙي تان لاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر  ملڪ کي پوئتي ڌڪڻ واري سازش کي ناڪام بڻايو ويو آهي.

ان کان اڳ پاڪ برطانيه توانائي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي  وزيراعظم نواز شريف چيو ته توانائي بحران جي خاتمي لاءِ ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪئي ويندي، حڪومت معيشت جي بهتري لاءِ ڏکيا فيصلا ڪيا، جن جا بهتر نتيجا ملي رهيا آهن، حڪومت جو مقصد عوام کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ آهي.

 هن چيو ته توانائي سهڪار تي هـُو برطانوي حڪومت جو ٿورائتو آهي، اميد آهي ته اڄوڪي ڪانفرنس توانائي بحران جي خاتمي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي، پاڪستان ۽ برطانيه جي عوام ٻه طرفي لاڳاپن کي مضبوط ڪيو آهي،  پاڪستان ٻين جي تجربن مان فائدو حاصل ڪرڻ چاهي ٿو.

نواز شريف چيو ته حڪومت سنڀالڻ کانپوءِ سڀ کان پهرين ترجيح معيشت جي سڌاري تي ڏني ۽ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پيا  پر ان جا بهتر نتيجا ملي رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*