مستونگ ۾ گهر ۾ گيس ليڪيج سبب ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ٻار سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا

بلوچستان جي علائقي مستونگ ۾ گهر ۾ گيس ليڪيج سبب ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ٻار سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ريسڪيو ذريعن موجب، زخمين مان ٻن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

مستونگ جي سراوان ٽائون واري علائقي ۾ هڪ گهر ۾ گيس ليڪيج سبب ڌماڪو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٻار سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

اطلاع تي رضاڪارن پهچي  زخمين کي شهيد نواب غوث بخش ميموريل اسپتال منتقل ڪيو.

ريڪسيو ذريعن موجب، گيس ليڪيج ڌماڪي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيلن مان ٻن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*