ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين جو راڪاس وڌيڪ ٽن ٻارن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو

ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين جو راڪاس وڌيڪ ٽن ٻارن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو، هلندڙ مهيني دوران فوت ٿيل ٻارن جو تعداد وڌي 70 ٿي ويو آهي.

ڳوٺ ڏاڀڙي جي رهواسي مهرو ميگهواڙ  جي تازو ڄاول ڌي، اسماعيل بجير جو ٽيويهه ڏينهن جو پٽ رب ڏنو مٺي سول اسپتال ۾فوت ٿي ويا.

  اسلام ڪوٽ جي رهواسي جيئڻ ميگهواڙ جي جي ڏهه مهينن جي ڌي سنڌيا به اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.

ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي هلندڙ مهيني دوران فوت ٿي ويل ٻارن جو تعداد 70 ٿي ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*