سنڌ هاءِ ڪورٽ ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس ۾ جوابدار جي موت واري سزا عمر قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس ۾ جوابدار جي موت واري سزا عمر قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏي، جوابدار کي ڪراچي جي علائقي بوٽ بيسن ۾ پنهنجي ڀيڻ، ڀيڻوئي ۽ 3 مهينن جي ڀاڻيجي کي قتل ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ٽرائل ڪورٽ موت جي سزا ٻڌائي هئي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ قتل ڪيس جي جوابدار محمد وڪيل جي موت واري سزا خلاف اپيل جي ٻڌڻي ٿي.

عدالت ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي جوابدار جي موت واري سزا عمر قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏي.

جوابدار بوٽ بيسن ۾پنهنجي ڀيڻ، ڀيڻويي ۽ ڀاڻيجي کي قتل ڪيو هو،ٽرائل ڪورٽ جوابدار محمد وڪيل کي موت جي سزا ٻڌائي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*