سوڀيديري ۾ چوري جي وڌندڙ واقعن توڙي ٻي بدامني تي ظابطو نه اچڻ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو

سوڀيديري ۾ چوري جي وڌندڙ واقعن توڙي ٻي بدامني تي ظابطو نه اچڻ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو.

اڻڄاتل ھٿياربند مين بازار ۾پريس ڪلب ڀرسان ديدار علي ڄامڙو جي جنرل اسٽور کي کاٽ ھڻي دڪان مان روڪ رقم ۽ ٻيو سامان کڻي فرار ٿي ويا.

 شهرين چوري جي وڌندڙ واقعن خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعربازي ڪئي.

 ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته ڦر ۽ چوريون روز جو  معمول بڻيل آھن، پوليس ھن وقت تائين  ڪا به چوري واپس نه  ڪرائي سگھي آھي.

 ھنن آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو آهي ته چوري واپس ڪرائي بندامني تي ظابطو ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*