ڌانڌلين جي جاچ ڪندڙ جڊيشل ڪميشن شڪايتون وصول ڪرڻ جو شيڊول پڌرو ڪري ڇڏيو

عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي جي جاچ ڪندڙ جڊيشل ڪميشن شڪايتون وصول ڪرڻ جو شيڊول پڌرو ڪندي چيو آهي ته سومر کان خميس تائين ڪميشن وٽ ثبوت جمع ڪرائي سگهجن ٿا، جمعي تي منجهند جو 12 هين وڳي تائين ثبوت ۽ دستاويز وصول ڪيا ويندا.

جڊيشل ڪميشن جي سيڪريٽري ڪميشن جي ٻي گڏجاڻيءَ کان اڳ  شڪايتون، ثبوت ۽ درخواستون وصول ڪرڻ جو شيڊول پڌرو ڪري ڇڏيو آهي.

 سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته سومر 20 اپريل خميس 23 اپريل تائين سڄو ڏينهن ڪميشن وٽ ثبوت جمع ڪرائي سگهجن ٿا.

جڊيشل ڪميشن موجب، جمعي ثبوت، دستاويز يا درخواست جمع ڪرائڻ جو وقت منجهد جو ٻارهين وڳي تائين آهي.

 جڊيشل ڪميشن جي ڪارروائي ايندڙ جمعي تي تي هڪ وڳي سپريم ڪورٽ ۾ ٿيندي، ڪميشن پاران اليڪشن ڪميشن کي درخواستن جو جواب داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته نادرا کان به فرازنڪ رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي.

ڪميشن، ايندڙ ڪارروائي تي تحريڪ انصاف کي به ثبوت جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*