سنڌ هاءِ ڪورٽ مختلف سرڪاري کاتن ۾ نيب طرفان جاچ ۾ دير ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ مختلف سرڪاري کاتن ۾ نيب طرفان جاچ ۾ دير ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته نيب جا جاچ آفيسر کير جا ڌوتل ناهن، پراسيڪيوٽرز کي ڪيسز بابت ڪا ڄاڻ ئي ناهي، چار سال جاچ هلندي آهي ۽ پنجين سال ۾ چيو ويندو آهي ته جوابدار گهربل ناهن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مختلف سرڪاري کاتن ۾ نيب جي جاچ واري معاملي جي ٻڌڻي ٿي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس نيب جي ايڊيشنل پراسيڪيوٽر جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان هڪ انسان جي سڄي ڪٽنب جو وجود ئي لوڏي ڇڏيندا آهيو، جيڪڏهن اها صورتحال رهي ته ڊي جي نيب کي طلب ڪيو ويندو.

چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته نيب اداري کي مذاق بڻائي ڇڏيو آهي، عملدارن کي ڪيس بابت ڪجهه به خبر ناهي.

عدالت اسسٽنٽ ڪمشنر عبدالجبار خلاف جاچ رپورٽ منظور ڪري ورتي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*