سپريم ڪورٽ قتل ۾ملوث جوابدار جي بريت بابت هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ قتل ۾ملوث جوابدار جي بريت بابت هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، پوليس جوابدار کي عدالت مان گرفتار ڪري ورتو. چيف جسٽس آصف سعيد کوسا ريمارڪس ڏيندي چيو ته ٻين ملڪن ۾ ماڻهو سچ ٻڌائيندا آهن ۽ قانون تي بحث ٿيندو آهي پر اسان وٽ مونجهارن کي هٿي ڏياري ويندي آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ پشاور هاءِ ڪورٽ طرفان موت جي سزا ٻڌايل جوابدار حضرت علي جي بريت خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ سپريم ڪورٽ جي سطح تائين واقعي جي جاچ جو پتو نه ٿو پئي، سپريم ڪورٽ به پنهنجو وقت واقعي کي سمجهڻ ۾ لڳائي ڇڏيندي آهي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ٻاهر ملڪن ۾ ماڻهو سچ ٻڌائيندا آهن ۽ قانون تي بحث ٿيندو آهي پر اسان وٽ مونجهارن کي هٿي ڏياري ويندي آهي، عدالتن لاءِ ڏکيائون پيدا ڪيون وينديون آهن.

چيف جسٽس چيو ته اسان وٽ هڪ ئي واقعو تي هڪ ئي ڳوٺ جا چار معزز شاهد ڏينهن ڏٺي جو واقعو قرار ڏيندا آهن. جڏهن ته انهيءَ ساڳي ڳوٺ جا ٻيا چار معزز شاهد رات جي اونداهي جو واقعو قرار ڏيندا آهن.

چيف جسٽس چيو ته هن ڪيس ۾ به هڪ شاهد به سچ نه ڳالهايو آهي، ڪنهن هڪ به پاسداري نه ڪئي آهي، جاچ ادارا انهيءَ ڪري هوندا آهن ته اهي سچ بيان ڪن.

عدالت حضرت علي کي عمير قيد جي سزا ٻڌائيندي هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.

پوليس جوابدار حضرت علي کي عدالتي ڪمري مان گرفتار ڪري ورتو.

واضح رهي ته ٽرائل ڪورٽ جوابدار حضرت علي کي 17 سالن جي نوجوان کي قتل ڪرڻ تي موت جي سزا ٻڌائي هئي، جڏهن ته هاءِ ڪورٽ جوابدار حضرت علي کي بري ڪري ڇڏيو هو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*