پنجاب جي علائقي حافظ آباد ۾ باهه لڳڻ سبب هڪ پيرسن سڙي فوت ٿي ويو

پنجاب جي علائقي حافظ آباد ۾ باهه لڳڻ سبب هڪ پيرسن سڙي فوت ٿي ويو، ريسڪيو ذريعن موجب، محمد عنايت گهر ۾ بخارو ٻاري ستل هو ته سندس بستري کي باهه لڳي وئي.

حافظ آباد جي احمد پور واري علائقي ۾ هڪ گهر ۾ بستري کي باهه لڳڻ سبب 95 ورهينجو محمد عنايت سڙي فوت ٿي ويو.

اطلاع تي پاڙيسرين ۽ رضاڪارن پهچي فوت ٿي ويل پيرسن جو لاش اسپتال منتقل ڪيو.

ريسڪيو ذريعن موجب، محمد عنايت گهر ۾ بخارو ٻاري ستل هو ته اوچتو سندس بستري کي باهه لڳي وئي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*