سنڌ هاءِ ڪورٽ اسٽريٽ ڪرائم جـي وڌندڙ ڪاررواين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پوليس جي حالت ڏسي لڳي ٿو

سنڌ هاءِ ڪورٽ اسٽريٽ ڪرائم جـي وڌندڙ ڪاررواين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پوليس جي حالت ڏسي لڳي ٿو ته ڪراچي ۾ سڄي زندگي اسٽريٽ ڪرائيم ختم نه ٿيندو، پنجاب پوليس کي گهرايون ته هڪ ڏينهن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم گهٽجي ويندو.

جسٽس آفتاب احمد جي سربراهي ۾ سنڌهاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ اسٽريٽ ڪرائم جي وڌندڙ وارداتن خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران ڊي آءِ جيز پاران جواب جمع نه ڪرائڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جسٽس آفتاب احمد رمارڪس ۾ چيو ته ميڊيا ۾ اسٽريٽ ڪرائم جون وارداتون ڏسي ڏک ٿيندو آهي.

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته پوليس جو اهڙو ئي حال رهيو ته پوءِ سڄي حياتي اسٽريٽ ڪرائم ختم نه ٿيندو، جيستائين سنڌ پوليس جي ڪابينا تبديل نه ڪنداسين، هي وارداتون ختم نه ٿينديون.

عدالت اهي به رمارڪس ڏنا ته پنجاب پوليس کي گهرايو ته هڪ ڏينهن ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۾ گهٽتائي نظر ايندي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته جوابدار سر عام هٿيار کڻي گهمن ٿا پر پوليس ڪارروائي ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، شهر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اسٽريٽ ڪرائم جون وارداتون وڌي ويون آهن.

عدالت آءِ جي سنڌ ۽ ٻين ڌرين کان 19 فيبروري تي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*