سنڌ جـَي گورنر عمران اسماعيل متحده وفد کانپوءِ سردار علي گوهر سان ملاقات ڪئي آهي

سنڌ جـَي گورنر عمران اسماعيل متحده وفد کانپوءِ سردار علي گوهر سان ملاقات ڪئي آهي، جنهن دوران وزيراعظم جي 10فيبروري تي رٿيل امڪاني دوري سميت صوبي جي موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

گورنر سنڌ عمران اسماعيل ڪراچي ۾ سردار علي گوهر مهر جي رهائشگاهه تي پهتو، ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آ ءِجو پارلياماني ليڊر حليم عادل شيخ ۽ ٻيا اڳواڻ به ساڻس گڏ هئا.

ذريعن موجب ملاقات ۾ سنڌ جي سياسي صورتحال ۽ سنڌ حڪومت خلاف گڏيل حڪمت عملي سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران وزيراعظم عمران خان جي 10 فيبروري تي رٿيل گهوٽڪي واري دوري تي به ڳالهيون ڪيون ويون.

ان کان اڳ گورنر سنڌ عمران اسماعيل ايم ڪيو ايم جي وفد سان به ملاقات ڪئي هئي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*