پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته عمران خان جي سياست خبر ناهي ڪهڙي قسم جي آهي

پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته عمران خان جي سياست خبر ناهي ڪهڙي قسم جي آهي، وزير اعظم کي ملڪ جي حالتن تي نظر رکڻ گهرجي.

 رتيديري ۾ سيد ديدار شاهه جي وفات تي پونئرن سان تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه چيو ته موجوده  پارليامينٽ عجيب قسم جي آهي، اهڙي عجيب پارليامينٽ زندگي ۾ پهريون ڀيرو ڏٺي آهي.

هن چيو ته عمران خان جي سياست خبر ناهي ڪهڙي قسم جي آهي، هن کي ملڪ جي حالاتن تي نظر رکڻ گهرجي، هن وقت ملڪ ۾ ڪافي اهم مسئلا آهن، جنهن تي سنجيدگي سان سوچي ان جو حل ڪڍڻ کپي.

خورشيد شاهه چيو ته موجوده پارليامينٽ عجيب قسم جي آهي، اهڙي پارليامينٽ مون زندگي ۾ پهريون ڀيرو ڏٺي آهي.

پ پ اڳواڻ جو چوڻ هو ته هن حڪومت ۾مهانگائي 40 سيڪڙو وڌي وئي آهي، ان حساب سان سرڪاري ملازمن جون پگهارون به وڌائڻ کپن.

خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته چاهيون ٿا ته هي نظام هلي، پر وفاقي حڪومت عوام سان ڪيل واعدن کي پورو ڪري، ٻئي صورت خدا حافظ چئي گهر وڃڻ گهرجي.

هن وڌيڪ چيو ته پ پ غريبن جي پارٽي آهي ۽ غريبن کي روزگار ڏيڻ تي يقين رکي ٿي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*