ٽي-ٽوئنٽي سيريز جي پهرين ميچ ۾ ويسٽ انڊيز پاڪستان کي هڪ طرفي مقابلي بعد 71رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي

پاڪستان ۽ويسٽ انڊيز جي وومن ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي-ٽوئنٽي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ۾ مهمان ٽيم پاڪستان کي هڪ طرفي مقابلي بعد 71رنز تان شڪست ڏئي سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ ميچ جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي.

ويسٽ انڊين ٽيم جي ڪپتان ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جوفيصلو ڪيو.

مقرره 20 اوورس ۾ ويسٽ انڊيز جي وومن ٽيم ٻن وڪيٽ جي نقصان تي 160رنز اسڪور ڪيو.

ويسٽ انڊيز وومن ٽيم پاران ڊوٽن 60 بالن تي 90رنز جي اننگ کيڏي، جنهن ۾ 8چونڪا ۽4 ڇڪا شامل آهن، جڏهن ته  نيٽن 50رنز جي اننگ کيڏي.

پاڪستان وومن ٽيم پاران نشارا سڌو هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

جواب ۾ پاڪستان وومن ٽيم 18اوورس ۾ صرف 89رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿي وئي.

پاڪستان وومن ٽيم پاران ڪپتان بسمه معروف 38رنز جي اننگ کيڏي ٽاپ اسڪورر رهي، جڏهن ته جويريا خان19رنز جي اننگ کيڏي.

پاڪستان جي وومن ٽيم پاران ٻي ڪابه رانديگرياڻي ڊبل فگر ۾ نه پهچي سگهي.

ويسٽ انڊيز پاران ڪونيل 3، سيلمان ۽ انيسا محمد ٻه-ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.

ڊينڊرا ڊوٽن کي بهترين بيٽنگ جومظاهرو ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*