حڪومتي ڪوششن سبب معيشت بهتر ٿي آهي، اسحاق ڊار

ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ۽ آمريڪا جي نائب پرڏيهي وزير اينٿوني بلنڪن وچ ۾ ٿيل ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي توانائي گروپ جو اجلاس جلد سڏائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، اسحاق ڊار چيو آهي ته حڪومت سيڙپڪاري ۾ واڌ لاءِ سڌارن تي عمل يقيني بڻائي رهي  آهي.

واشنگٽن جي دوري تي پهتل ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار سان آمريڪا جي نائب پرڏيهي وزير اينٿوني بلنڪن ملاقات ٿي، جنهن دوران توانائي جي شعبي، آپريشن ضرب عضب ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ناڻي واري وزير اسحاق ڊار پائيدار معيشت لاءِ حڪومت جي قدمن بابت آمريڪي وزير کي آگاهه ڪيو.

اسحاق ڊار چيو ته حڪومتي ڪوششن سبب معيشت بهتر ٿي آهي، حڪومت سيڙپڪاري ۾ واڌ لاءِ سڌارن تي عمل يقيني بڻائي رهي  آهي.

ناڻي واري وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته توانائي جي شعبي اندر سيڙپڪاري ۾ واڌ جي ضرورت آهي.

اسحاق ڊار اهو به ٻڌايو ته آپريشن ضرب عضب ڪاميابي سان جاري آهي، جنهن ۾ اهم ڪاميابيون مليون آهن.

ان موقعي تي ڳالهائيندي آمريڪا جي نائب پرڏيهي وزير اينٿوني بلنڪن چيو ته پاڪستان سان واپار کي هٿي وٺرائڻ چاهيون ٿا، توانائي جي شعبي ۾ به سهڪار وڌايو ويندو.

اينٿوني بلنڪن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي توانائي گروپ جو اجلاس جلد ٿيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*