پشاور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت صوفي محمد خلاف دهشتگردي جا 16 ڪيس ختم ڪري ڇڏيا

پشاور جـَي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ نفاذ شريعت محمدي جي سربراهه صوفي محمد خلاف دهشتگردي جا 16 ڪيس ختم ڪري ڇڏيا، عدالت وڌيڪ 3 ڪيس ٻين عدالتن ڏانهن موڪلڻ جو حڪم جو به حڪم جاري ڪيو آهي.

پشاور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج عبدالرئوف صوفي محمد خلاف مختلف ڪيسز جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت، جوڳا ثبوت پيش نه ڪرڻ تي صوفي محمد خلاف دهشتگردي جا 16 ڪيس ختم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.

عدالت، اهو به حڪم ڏنو آهي ته صوفي محمد خلاف وڌيڪ 3 ڪيس ٻين ڏانهن ڏانهن منتقل ڪيا وڃن.

واضح رهي ته پابندي مڙهيل تنظيم جي اڳواڻ صوفي محمد خلاف دهشتگردي جا 19 ڪيس داخل ڪيا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*