ڏکڻ آفريڪا ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پهرئين ميچ ۾ پاڪستان کي 6 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي
ڏکڻ آفريڪا ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پهرئين ميچ ۾ پاڪستان کي 6 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي ، ڏکڻ آفريڪا جي ڪپتان فاف ڊپليسي 78 رنسون ٺاهي نمايان رهيو .
ڏکڻ آفريڪا جي شهر ڪيپ ٽائون ۾ ميزبان ٽيم ۽ پاڪستاني ٽيم وچ ۾ ٽي ٽونٽي ميچ جي سيريز جي پهرئين ميچ کيڏي وئي .
ميزبان ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي قومي ٽيم کي مقرر 20 اورن ۾ 193 جو ٽارگيٽ ڏنو .
قومي ٽيم مقرر 20 اورن ۾186 تي ڍير ٿي وئي، شعيب ملڪ 49 طلعت حسين 40 رنز ڏئي نمايا رهيا .
ميزبان ٽيم جي ڪپتان فاف ڊپليسي 78 ۽ هينڊرڪس 74 رنز ڏئي پنهنجي ٽيم کي فتح ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو .