ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت متحده جي 4 ڪارڪنن کي هڪ هفتي جي ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت متحده جي 4 ڪارڪنن کي هڪ هفتي جي ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته فيصل موٽا، نادر شاهه ۽ عبيد ڪي ٽو جي جڊيشل ريمانڊ ۾ 15 ڏينهن جي واڌ ڪندي جيل اماڻيو ويو.

ڪراچي مان گرفتار متحده جي ڪارڪنن فهد، فيضان، بلال ۽ شيراز کي دهشتگردي ٽو عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جن کي عدالت هڪ هفتي جي ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

ان کان اڳ نائين زيرو تان گرفتار فيصل موٽا، عبيد ڪي ٽو ۽ نادر شاهه کي ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

عدالت ٽنهي جوابدارن جي جڊيشل ريمانڊ ۾ 15 ڏينهن جي واڌ ڪندي کين جيل اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

واضح رهي ته فيصل موٽا کي صحافي ولي بابر ڪيس  ۾ ڦاهي جي سزا ٻڌايل آهي، جڏهن ته نادر شاهه مٿان ٻن پوليس اهلڪارن ۽ عبيد ڪي ٽو مٿان ڊپٽي جيل سپرنٽنڊنٽ سميت 8 اهلڪارن جا قتل ڪيس به هلندڙ آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*