پشاور زلمي جو ڪپتان ۽ ويسٽ انڊيز جو اڳوڻو ڪرڪيٽر ڊيرن سيمي اسلام آباد کان پشاور پهچي ويو

پشاور زلمي جو ڪپتان ۽ ويسٽ انڊيز جو اڳوڻو ڪرڪيٽر ڊيرن سيمي اسلام آباد کان پشاور پهچي ويو،  ڊيرن سيمي جو چوڻ آهي ته هُو پشاور کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهي ٿو.

پشاور ايئرپورٽ تي پشاور زلمي جي ڪپتان ڊيرن سمي جي شاندار آجيان ڪئي وئي.

ڊيرن سيمي پشاور زلمي جي ڪِٽ اينڊ اينٿم لانچ جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو.

ان موقعي تي ڊيرن سمي جو چوڻ هو ته هُو پشاور کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهي ٿو ۽ هتان جي ماڻهن جِي رهڻي ڪهڻي سمجهندو.

هن چيو ته سندس خواهش آهي ته پشاور زلمي پاڪستان سپر ليگ جو ٽائيٽل پنهنجي نانءُ ڪري.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*