پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٽيئن ۽ آخري ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي

پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪي ٽيمن وچ ۾ ٽن-ٽوئنٽي ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٽيئن ۽ آخري ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي، سيريز ميزبان ٽيم پهرين ئي پنهنجي نالي ڪري چڪي آهي.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويل پهرين ٽي-ٽوئنٽي ميچز ۾ ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد پاڪستان کي 6رنز تان شڪست ڏئي هئي، جڏهن ته ٻي ميچ ۾ به ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن بهترين ڪارڪردگي جومظاهرو ڪيو،پر هن ڀيري به فتح ميزبان ٽِيم جو مقدربڻي ۽پڪستان کي ست رنز تان شڪست نصيب ٿي ۽ اهڙي طرح سيريز ڏکڻ آفريڪي ٽيم هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻن ميچ جي واضح برتري حاصل ڪري سيريز پنهنجي نالي ڪئي.

سڀاڻي ٻنهي ٽيمن وچ ۾سيريز جي ٽِيئن ۽ آخري ٽي-ٽوئنٽي ميچ سينچورين ۾کيڏي ويندي.

واضح رهي ته ڏکڻ آفريڪا پاڪستان کي ٽن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز۾ وائيٽ واش ڪرڻ بعد ون ڊي سيريز ۾ٻن جي ڀيٽ ۾ٽن ميچز تان شڪست ڏئي ۽ هاڻي ٽي-ٽوئنٽي سيريز ۾ به ميزبان ڪاميابي ماڻي چڪي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*