پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٽئين ۽ آخري ميچ اڄ سينچورين ۾ کيڏي ويندي

پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪي ٽيمن وچ۾ ٽن ٽي-ٽوئنٽي ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٽئين ۽ آخري ميچ اڄ سينچورين ۾ کيڏي ويندي، گرين شرٽس کي ڪلين سوئيپ کان بچڻ چيلينج آهي.

پاڪستان ٽيم ڏکڻ آفريڪاجي دوري ۾ اڄ آخري ميچ  کيڏڻ لاءِ ميدان ۾ لهندي.

ٻنهي ٽيمن وچ رٿيل اڄ جي ميچ لاءِ سمورين تياريون ته مڪمل آهن، پر رينڪنگ ۾ نمبر هڪ ٽيم کي سيريز جي شروع وارين ٻنهي ميچز ۾ شڪست ملي چڪي آهي.

سيريز ۾وائيٽ واش ٿيڻ کان بچڻ ٽيم لاءِ هڪ چيلينج آهي ۽ اڄ جي ميچ ۾ٽيم ۾ تبديلين جو امڪان آهي.

محمد حفيظ جي ميچ کان پهرين فٽنس ٽيسٽ ٿيندي ۽ پاس ڪرڻ جي صورت ۾ ٽيم ۾ شموليت ٿي سگهي ٿي.

واضح رهي انجري جو شڪار محمد حفيظ ٻن ٽي-ٽوئنٽي ميچز ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*