قومي ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد ميزبان ڏکڻ آفريڪا کي شڪست ڏئي وائيٽ واش ٿيڻ کان بچي وئي

ٽن-ٽوئنٽي ميچز تي ٻڌل سيريزجي ٽئين ۽آخري ميچ ۾ قومي ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد ميزبان ڏکڻ آفريڪا کي شڪست ڏئي وائيٽ واش ٿيڻ کان بچي وئي.

سينچورين ۾ کيڏي ويل آخري ميچ ڏکڻ آفريڪي ٽيم جي ڪپتان ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ ڪرڻ جوفيصلوڪيو.

مقرره 20 اوورس ۾ قومي ٽيم 9وڪيٽن جي نقصان تي 168رنز اسڪور ڪيون.

پاڪستان جي ٽيمپارنا محمد رضوان 26،آصف علي 25، بابر اعظم 23،عماد وسيم 19،فخرزمان 17رنز اسڪور ڪرڻ بعد آئوٽ ٿيا،جڏهن ته شاداب خان 22رنز اسڪور ڪري ناٽ آئوٽ ٿيو.

ڏکڻ آفريڪا پاران هيندرڪس 4،ڪرس مورس 2،جڏهن ته سمپاملا ۽فهلوڪوائيوهڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*