ڏکڻ آفريڪا جو دورومڪمل ڪرڻ بعد پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم رات دير سان علامه اقبال ايئرپورٽ لاهور پهچي وئي

ڏکڻ آفريڪا جو دورومڪمل ڪرڻ بعد پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم رات دير سان علامه اقبال ايئرپورٽ لاهور پهچي وئي، جتان سمورا رانديگرن پنهنجي پنهنجن گهرن ڏانهن روانا ٿي ويا.

قومي ٽِيم ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽن ٽيسٽ ميچز سان گڏ پنج ون ڊي ۽ 3ٽي-ٽوئنٽي ميچز تي ٻڌل سيريز ۾ شڪست بعد وطن واپس پهچي وئي آهي.

ڏکڻ آفريڪا ٽن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز ۾ پاڪستان کي وائيٽ واش ڪيو.

ون ڊي سيريز ۾ ميزبان ٽِيم پاڪستان کي ٻن جي ڀيٽ ۾ ٽن ميچز تان ،جڏهن ته ٽي-ٽوئنٽي سيريز ۾ پاڪستان کي هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻن ميچز تان شڪست ملي.

لاهور جي علامه اقبال ايئرپورٽ تي پهچڻ بعد رانديگر پنهنجي گهرن ڏاينهن روانا ٿي ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*