سمورا نوجوان رانديگر بهترين ڪارڪردگي جومظاهرو ڪري رهيا آهن، هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر چيو آهي ته ڏکڻ آفريڪا ۾ ڪنهن ايشين ٽيم ٽيسٽ سيريز نه کٽي آهي ۽ ٽيم کي ٽِيسٽ فارميٽ ۾ بهتري جي ضرورت آهي.

لاهور ۾ميديا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر چيوته سمورن رانديگرن جي دنيا جي هر ڪنڊيشنز ۾ سٺي ڪارڪردگي جومظاهرو ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هن چيوته ٽيم ۾ شامل سمورا نوجوان رانديگر بهترين ڪارڪردگي جومظاهرو ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته مسلسل چار ميهنن کان ٽيم ڪرڪيٽ کيڏي رهي آهي،جنهن سبب ٽيم جي ڪارڪردگي ۽ رانديگرن جي فٽنس متاثر ٿي.

قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جو وڌيڪ چوڻ هوته پي ايس ايل مان ٽيم کي نوجوان ۽ بهترين صلاحيتن جا مالڪ رانديگر ملي رهيا آهن ۽ هو گهڻو پراميد آهي ته مستقبل ۾ به سٺا رانديگر ملندا.

مڪي آرٿر وڌيڪ چيو ته ورلڊ ڪپ لاءِ ڪامبينيشن جوڙي رهيا آهيون،جنهن لاءِ چيف سليڪٽر سان صلاح مشورا جاري آهن.

هن وڌيڪ چيو ته آسٽريليا خلاف سيريز ۾ مائينڊ سيٽ ڪيو ويندو ته ميگا ايونٽ ۾ ڪيئن وڃڻو آهي.

هن چيو ته شڪست جو زميوار ڪنهن هڪ کي نٿو قرار ڏئي سگهجي ۽ ڊريسنگ روم ۾ جيڪو ٿيندو آهي اهو ڊريسنگ روم تائين محدود هوندو آهي.

مڪي آرٿر وڌيڪ چيوته انگلينڊ خلاف رٿيل سيريز ۾ شرڪت ڪندڙ رانديگر ئي ورلڊڪپ لاءِ ٽيم ۾ شامل  هوندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*