جمال خاشقجي جو قتل سعودي اختيارين ڪيو، گڏيل قومن جي رپورٽ

گڏيل قومن پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته سعودي صحافي جمال خاشقجي جو قتل سعودي اختيارين ڪيو.

گڏيل قومن جي ٽي رڪني انڪوائري ڪميشن خاشقجي قتل ڪيس بابت آڊيو ثبوتن جو جائزو ورتو ، جڏهن ته ڪميشن خاشقجي جي قتل بابت حتمي رپورٽ جون ۾ پيش ڪندو.

عرب ميڊيا موجب گڏيل قومن جي انڪوائري ڪميشن جي ميمبر جو چوڻ آهي ته سعودي عرب جمال خاشقجي جي قتل بابت ترڪي جاچ ۾ رنڪڊڪ وڌي.

واضح رهي ته جمال خاشقجي کي 2 آڪٽوبر کي ترڪي جي شهر استنبول ۾ واقع سعودي قونصليٽ ۾ قتل ڪيو ويو هو ۽ سندس جسم جا ٽڪرا سعودي قونصل جنرل جي گهر جي باغ مان مليا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*