افغانستان جي سرزمين امريڪا سميت ڪنهن به ملڪ خلاف استعمال نه ٿيڻ گهرجي، زلمي خليل زاد

افغانستان لاءِ آمريڪا جي خاص نمائندي زلمي خليل زاد چيو آهي ته افغانستان جي سرزمين امريڪا سميت ڪنهن به ملڪ خلاف استعمال نه ٿيڻ گهرجي، طالبان سان ڳالهيون اڃا شروعاتي مرحلي ۾ آهن، جولاءِ ۾ رٿيل چونڊن کان اڳ معاهدو ٿي سگهي ٿو.

واشنگٽن ۾ يو ايس انسٽيٽيوٽ آف پيس کي خطاب ڪندي زلمي خليل چيو ته افغانستان ۾ جولاءِ کان پهريان طالبان سان معاهدو ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته جيئن طالبان کي چونڊ عمل جو حصو بڻائي سگهجي.

هن چيو ته مفاهمت جي ڪوششن سبب پاڪستان اهم ملڪ جي حيثيت اختيار ڪري ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته چاهيان ٿو پاڪستان وڌيڪ مثبت ڪردار ادا ڪري، آمريڪا آمريڪا پاڪستان سان بهتر لاڳاپن جو خواهشمند آهي.

زلمي خليل زاد وڌيڪ چيو ته افغان حڪومت ۽ طالبان ۾ ڳالهيون چاهيون ٿا.

هن چيو ته طالبان فوري جنگ بندي لاءِ تيار نه آهن، اسان سمجهون ٿا ته اهڙي طرح مطالبا مڃرائڻ ڏکيو ٿيندو.

زلمي خليل زاد چيو ته اسان افغانستان ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ امن  معاهدو چاهيون ٿا، اسان هن سال کي افغانستان ۾ امن جو سال قرار ڏيڻ چاهيون ٿا.

ان موقعي تي زلمي خليل افغان طالبان سان ڳالهين جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي هاڪاري ڪردار جي واکاڻ به ڪئي.

هن چيو ته آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ ڳالهين ۾ پاڪستان جي سهولتڪاري واکاڻ جوڳي آهي، آمريڪا چاهي ٿو ته پاڪستان اڃا وڌيڪ ڪردار ادا ڪري، پاڪستان طالبان ڳالهين جي حق ۾ آهن.

زلمي خليل چيو ته طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ ۾ پاڪستان کي ڪجهه به نه ڏنو ويو آهي، افغانستان ۾ امن پاڪ آمريڪا جي لاڳاپن کي بهتر ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو ۽ افغانستان سان بهتر لاڳاپن ۽ خطي ۾ امن سان پاڪستان کي به فائدو ٿيندو.

آمريڪي صدر جي افغانستان بابت خاص نمائندي چيو ته آمريڪا پاڪستان سان بهتر لاڳاپن جو خواهشمند آهي ۽ مفاهمت جون ڪوششون پاڪستان ڪيون آهن ۽ انهن ڪوششن جي ڪري پاڪستان اهم ملڪ جي حيثيت اختيار ڪري ويو آهي.

زلمي خليل زاد افغان امن عمل ۾ روس جي مثبت ڪردارجي به آجيان ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*