تنگواڻي ويجهو زهريلي دوا پيئڻ سبب عورت فوت ٿي وئي

تنگواڻي ويجهو زهريلي دوا پيئڻ سبب عورت فوت ٿي وئي، وارثن مڙس تي زهر ڏئي مارڻ جو الزام هنيو آهي.

ڳوٺ لال خان رند جي رهواسڻ نسيمان رند مبينا طور زهريلي دوا پي ڇڏي، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.

عورت جي وارثن الزام هڻندي چيو ته مڙس دائم رند ڪارنهن الزام هيٺ سندن نياڻيءَ کي زهر  ڏئي ماريو آهي.

 پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن جي فرياد تي نوجوان دائم ۽ ان جي سئوٽ حسين بخش رند کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ناري جي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کانپوءِ واقعي جي درست نموني جاچ ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*