ويسٽ انڊيز خلاف جاري ون ڊي سيريز جي ٻيئن ميچ ۾ فتح حاصل ٿيندي، وومن ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان جويريا خان

پاڪستان وومن ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان جويريا خان چيوآهي ته پهرين ميچ ۾ بيٽنگ جي ناڪامي سبب ٿي ۽ هو گهڻي پراميد آهي ته ويسٽ انڊيز خلاف جاري ون ڊي سيريز جي ٻيئن ميچ ۾ فتح حاصل ٿيندي.

دبئي ۾پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي وومن ٽيمن وچ ۾ ٻين ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان جي ڪپتان ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جوفيصلو ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪستان وومن ٽيم جي ڪپتان جويريا خان چيو ته پاڪستان ۾ ٽن ٽي-ٽوئنٽي ميچز ۾ ٽيم کي شڪست بيٽنگ جي ناڪامي سبب ملي.

هن وڌيڪ چيوته دبئي ۾کيڏي ويل پهرين ون ڊي ميچ ۾ بيٽنگ ناڪام رهي ۽ جنهن سبب ٽيم کي شڪست ملي.

وومن ٽيم جي ڪپتان جويريا خان وڌيڪ چيوته ويسٽ انڊيز خلاف جاري ون ڊي سيريز مان ٽيم جي سمورين رانديگرياڻين کي سکڻ لاءِ گهڻو ڪجهه مليو آهي ۽ اهي پنهنجي غلطين تي ضابطو آڻينديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*