سيوهڻ ۾ مبينا مقابلي ۾ ٻه ڦورو مارجي ويا، ٻه زخمي ٿي پيا

سيوهڻ ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ ٻه ڦورو مارجي ويا ۽ ٻه زخمي ٿي پيا، هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ اهلڪار به زخمي ٿي پيو آهي.

ڪراچي کان شهدادڪوٽ ويندڙ ڪوچ مان هٿياربندن ڦر بعد فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهچي وئي.

پوليس اهلڪارن ۽ ڦورن وچ ۾ چوٿنڀي واري علائقي ۾ مقابلو ٿي پيو جنهن دوران هٿياربند زاهد پنهور ۽ خالد ٿڏي تي ئي مارجي ويا، سندن ساٿي محبوب ابڙو ۽ خان محمد پالاري زخمي ٿي پيا.

هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار علي نواز برهماڻي زخمي ٿي پيو جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پوليس موجب، هٿياربند ڪراچي کان شهدادڪوٽ ويندڙ ڪوچ مان ڦر ڪري فرار ٿيا ته پوليس سندن پيڇو ڪيو، جنهن دوران مقابلو ٿيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*