ڪنهن کي اين آر او ڏيڻ جو مقصد ملڪ سان غداري هوندو، وزيراعظم عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته  ڪنهن کي اين آر او ڏيڻ جو مقصد ملڪ سان غداري هوندو، مشرف جي ٻن اين آر اوز ملڪ کي تمام گهڻو نقصان پهچايو، هاڻ ٿي نه ٿو سگهي ته ڪنهن کي اين آر او ملي. اين آر او مان اهو تاثر مليو ته طاقتور چور کي نه پڪڙيو ويندو.

بلوڪي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اڄ ڪلهه اين آر او جا گهڻا افواهه آهن، اين آر او اهو ٿيندو آهي جڏهن توهان وڏي ڏوهاري کي معاف ڪيو.

هن چيو ته ٻن اين آر او ملڪ کي وڏو نقصان پهچايو، اڄ جيڪي اسان جون حالتون آهن، ملڪ قرضي آهي، ان جو سبب ٻه اين آر او آهن.

وزيراعظم عمران خان چيو ته هڪ اين آر او مشرف نواز شريف کي ڏنو، جنهن ۾ شريف ڀائرن خلاف حديبيا پيپرز ملز ڪرپشن جو ٺهيل ڪيس هو.

وزيراعظم چيو ته اسحاق ڊار جو اعترافي بيان هو ته ڪهڙي نموني مني لانڊرنگ ٿي پر اين آر او ڏئي ڪيس روڪيو ويو ۽ کين سعودي عرب وڃڻ جي اجازت ڏني وئي ته جيئن مشرف جي ڪرسي خطري ۾ نه پئي.

عمران خان چيو ته 2 ارب رپيه زرداري جي سوئس ڪيس تي قوم جا خرچ  ڪيا ويا، لنڊن ۾ سري محل ڪيس ٿيو جيڪو پاڪستان حڪومت کٽي وئي اهو پئسو پاڪستان کي ملڻو هو پر اين آر او سائن ٿيو ۽  اهو ڪيس به ڇڏيو ويو.

وزيراعظم عمران خان چيو ته ٻنهي اين آر او سان طاقتور ماڻهن سمجهو ته چوري ڪا خراب شيءَ ناهي.

عمران خان چيو ته،  پاڪستان جو قرض 60 سالن ۾ 2008ع تائين 6 هزار ارب هو پر ٻنهي اين آر اوز بعد پاڪستان جو قرض 30 هزار ارب ٿي ويو ڇو ته ڪنهن کي خوف نه هو.

هن چيو ته هتي وڏن وڏن چورن کي نه پڪڙيو ويندو آهي، اين آر او سبب جيڪي قوم کي مصيبتون مليون آهن، مهانگائي آهي، رپيه ڪري رهيو آهي.

وزيراعظم چيو ته، جڏهن توهان قرض وٺندا ته تاريخي خسارو ڇڏيندا ته قيمت عوام ڀوڳيندو.

وزيراعظم عمران خان چيو ته جيڪو به سمجهي ٿو ته حڪومت ڪنهن کي اين آر او ڏيندي ته اهو سمجهي وٺي ته جيڪڏهن اسان اين آر او ڏينداسين ته ملڪ سان غداري هوندو.

عمران خان چيو ته اهو نه ٿو ٿي سگهي ته اسان ڪنهن کي اين آر او ڏينداسين.

وزيراعظم عمران خان چيو ته جنهن ملڪ جو ڏيوالو ڪڍيو تنهن مان ڪنهن کي نه ڇڏينداسين، ڪرپشن ڪندڙن کي نه ڇڏينداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*