ايف آءِ اي اصغر خان ڪيس ۾ جاچ اڳتي وڌائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ کان مدد حاصل ڪري ورتي

ايف آءِ اي اصغر خان ڪيس ۾ جاچ اڳتي وڌائڻ ۽ شاهدن جي ڳولا لاءِ سپريم ڪورٽ کان مدد حاصل ڪري ورتي، ايف آءِ اي پنهنجي رپورٽ جمع ڪرائيندي چيو آهي ته ٽي وي ٽاڪ شوز جو جائزو ورتو ۽ بيان رڪارڊ ڪيا آهن پر ڪنهن به آرمي آفيسر رقم ورهائندڙ جو نالو نه ورتو آهي، جاچ بند گهٽي ۾ داخل ٿي چڪي آهي.

ايف آءِ اي اصغر خان ڪيس ۾ شاهدن جي ڳولا لاءِ سپريم ڪورٽ کان مدد طلب ڪئي آهي.

ايف آءِ اي رپورٽ ۾ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائيندي چيو ويو آهي ته سياستدانن ۾ رقم ورهائڻ جي جاچ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي آهي.

ايف آءِ اي رپورٽ موجب، بئنڪ جي رڪارڊ جي مڪمل جاچ ڪئي وئي، لاڳاپيل بئنڪ آفيسرن جا بيان به قلمبند ڪيا ويا.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 190 ٽي وي تي پروگرام جو جائزو ورتو ويو ۽ سياستدانن جا بيان قلمبند ڪيا ويا آهن.

ايف آءِ اي رپورٽ موجب، بدقسمتي سان جاچ کي انجام تائين نه پهچايو ويو.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪيس جي جاچ  بند گهٽي ۾ داخل ٿي چڪي آهي، عدالت رهنمائي ڪري.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*