وزيراعظم عمران خان اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي دبئي ويندو

وزيراعظم عمران خان اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي دبئي ويندو، دبئي ۾ وزيراعظم ورلڊ گورنمينٽ سمٽ کي خطاب ڪندو، وزيراعظم جي آءِ ايم ايف چيف سان به ملاقات ٿيندي، جنهن دوران پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو ويندو.

وزيراعظم عمران خان اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي دبئي وڃي رهيو آهي، ناڻي وارو وفاقي وزير اسد عمر ۽ سڌ سماءَ وارو وزير فواد چوڌري به ساڻس گڏ هوندا.

دبئي ۾ وزيراعظم عمران خان  ورلڊ گورنمينٽ سمٽ کي خطاب ڪندو.

 ترجمان موجب وزيراعظم خوشحال ۽ مضبوط پاڪستان سميت ٻين شعبن تي ڳالهائيندو.

وزيراعظم شيخ محمد بن راشد المڪتوم سميت دبئي جي اعليٰ قيادت سان ملاقاتون ڪري مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ به ڪندو.

وزيراعظم خوشحال ۽ مضبوط پاڪستان جي وزن کي اجاڳر ڪندو، جڏهن ته وزيراعظم عمران خان جي آءِ ايم ايف چيف سان ملاقات ٿيندي.

وزيراعظم عمران خان يو اي اي جي عملدارن سان به ملاقات ڪندو، جنهن دوران مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون وينديون.

واضح رهي ته وزيراعظم شيخ محمد بن راشد المڪتوم جي دعوت تي دبئي وڃي رهيو آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*